انسٽاگرام نوٽس فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو

انسٽاگرام طرفان ڊسمبر 2022ع ۾ نوٽس فيچر متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن جو مقصد واهپيدارن کي پنهنجن خيالن کي تحريري شڪل ۾ دوستن سان شيئر ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ هو.
هاڻ ميٽا طرفان هن فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي، ان مقصد لاءِ ڪمپني طرفان نوٽ پروموٽ جي واڌ نوٽس ۾ ڪئي وئي آهي.
ان فيچر سان واهپيدار مختلف سوالن جيئن مونکي ڇا کائڻ گهرجي وغيره دوستن سان شيئر ڪري سگهن ٿا.
انهن سوالن تي دوستن طرفان مختلف ٽپس، مشورن ۽ ٻين خيالن ذريعي ردعمل ظاهر ڪيو ويندو.
اهو فيچر گهڻي ڀاڳي فيسبڪ مينشنز سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن ۾ صرف ڪنهن دوست کي نوٽس ۾ ٽيگ ڪري سگجهي ٿو.
انسٽاگرام طرفان نوٽ لائيڪس کي به لائيڪس جو حصو بڻايو پيو وڃي، جيڪو لائيڪس فيچر وانگي ڪم ڪندو آهي، جيئن ڪنهن نوٽ تي ڊبل ڪلڪ ڪيو يا دل تي ڪلڪ ڪري سگهجي ٿو.
ياد رهي ته نوٽس فيچر ۾ هڪ واهپيدار 60 لفظن جو پيغام تحرير ڪري پنهنجن فالورز سان شيئر ڪري سگهي ٿو.

Instagram Facebook Meta

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.