اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نواز شريف ڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي ۽ خان نه ته پاڪستان نه چوندڙ ڪنهن ٻئي ملڪ هليا وڃن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته وزيراعظم سڀاڻي وفد سان گڏ چين وڃي رهيو آهي، جتي ان جي چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي، وزيراعظم مختلف واپاري شعبن ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ ملاقاتون ڪندو ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ مختلف چيني ڪمپنين جي اختيارين سان به ملاقاتون ٿينديون.
هن چيو ته بجيٽ بابت مشاورت جاري آهي، شهباز شريف حڪومت ۾ اچي خرچ گهٽايا، جڏهن ته مئي ۾ هدف کان 15 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته 29 مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، اميد جي ابتڙ مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ان تي خوشي ملهائڻ گهرجي.
attaullah tarar pmln shahbazsharif