اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي سڌي ريت ٻڌڻي لاءِ لائيو اسٽريمنگ لنڪ جاري ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي، جنهن تي لائيو اسٽريمنگ جي لنڪ ڏني وئي آهي.
هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان لائيو اسٽريمنگ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس لائيو اسٽريم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ عدالت احمد فرهاد جي ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جي به لائيو اسٽريمنگ جو حڪم ڏنو هو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ به ڪجهه ڪيسن جي ٻڌڻي سڌي ريت نشر ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي به شامل هئي.
islamabadhighcourt ihc islamabad