محمد رضوان پنهنجي محبت ڪيئن حاصل ڪئي؟ ڪرڪيٽر جو وڏو انڪشاف

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پسند پرڻي لاءِ هڪ يا ٻه سال نه پر 8 سال ڊگهو انتظار ڪرڻو پيو.
تازي انٽرويو ۾ محمد رضوان ٻڌايو ته مان جنهن ڇوڪريءَ سان شادي جو خواهشمند هيس، ان جا گهر وارا شادي لاءِ راضي نه هئا پر مان دعا گهرندو رهيس ۽ 8 سال ڊگهي انتظار کانپوءِ نيٺ پنهنجي محبت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس.
هن چيو سڀني کي علم آهي ته پنهنجو پيار حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه ڏکيائيون پيش اينديون آهن، وري اسان پٺاڻن ۾ اهو تمام گهڻو ڏکيو آهي، منهنجي خيال ۾ مان پنهنجي خاندان جو پهريون شخص آهيان، جنهن پسند پرڻو ڪيو، ان کانپوءِ منهنجي ڀاءُ پسند پرڻو ڪيو.
سندس چوڻ هو مان وڌيڪ تفصيل نه ٻڌائيندس پر بس اهو چوندس ته ڏاڍو انتظار ڪرڻو پيو ۽ ڏکيائي ٿي، الله پاڪ کان روز دعا گهرندو هيس، اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه هئي ته جيڪا شئي الله کان گهرو اها ضرور ملندي آهي.
محمد رضوان چيو مون کي يقين هو ته الله پاڪ خالي هٿين نه موٽائيندو، ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ به الله تي يقين رکندو آهيان، يقين هجڻ گهرجي ته الله پاڪ کان گهريل شئي ضرور ملندي.

mohammadrizwan pcb pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.