آءِ ايم ايف جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ مان ڪٽوتين جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري ملڪ جو ترقياتي بجيٽ متاثر ٿيڻ لڳو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ مان هر سال ڪٽوتي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال 950 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ۾ صرف 379 ارب رپيا استعمال ٿيا، صحت ۽ اعليٰ تعليم سميت سماجي شعبن ۽ انفراسٽڪچر جا ڪيترائي منصوبا متاثر ٿيا.
ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ايس ڊي پي جي پهرين کان جاري منصوبن لاءِ 9 هزار 800 ارب رپيا گهربل آهن، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ 1221 ارب رپين جو وفاقي پي ايس ڊي پي تجويز ڪيو ويو آهي.
ذريعن چيو ته گذريل ڏهن سالن ۾ وفاقي ترقياتي بجيٽ جي ساليانا آمدني 630 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي، روپئي جي قدم ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي سبب ترقياتي بجيٽ متاثر ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.