هلندڙ هفتي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿي ويون؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل ڏيڍ مهيني کان گهٽتائي بعد واڌ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
هلندڙ هفتي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.11 سيڪڙو جو معمولي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته سالياني بنياد تي به مهانگائي جي شرح 21.40 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
انگ اکر جاري ڪندڙ وفاقي اداري طرفان جاري ڪيل هفتي وار رپورٽ موجب هلندڙ هفتي ادرڪ جي قيمتن ۾ 4.02 سيڪڙو، ساوا مرچ پائونڊر جي اگهن ۾ 5.73 سيڪڙو، اٽي جي قيمتن ۾ 1.89 سيڪڙو، ايل پي جي ريٽ ۾ 5،40 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان کان علاوه آنن جي قيمت ۾ 6.19 سيڪڙو، باسمتي ٽوٽي چانور جي قيمت ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب ٽماٽر، بصر، دال ماش، دال چنا ، ڪيلي، آلو سميت ٻين روز مره جي شين ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.