مودي 45 ڪلاڪن تائين نه ڪجهه کائيندو ۽ نه ئي وري ڳالهائي سگهندو

ڀارتي جنتا پارٽي جي اڳواڻ نريندر مودي 45 ڪلاڪن جو ڊگهو چلو شروع ڪري ڇڏيو، ان دوران هو نه ڪجهه کائي سگهندو نه ئي وري کيس ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت هوندي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب گذريل ڏينهن ستين ۽ آخري مرحلي جي چونڊ مهم ختم ٿيڻ بعد ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي ڀارتي رياست تامل ناڊو جي شهر ڪنيا ڪماري ۾ چِلي لاءِ پهتو.
بي جي پي اڳواڻ سوامي وويڪانند کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٺاهيل هڪ يادگار راڪ ميموريل (ڌيان منڊپم) ۾ گذريل شام 6 وڳي 45 منٽ تي چلو شروع ڪيو.
ياد رهي ته ڌيان منڊپم اها جڳهه آهي جنهن جي باري ۾ خيال ڪيو ويندو آهي ته 131 سال پهريان هندن جي هڪ روحاني شخصيت وويڪاند به چلو ڪاٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.