گهوٽڪي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 20 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ حاجي لشڪر چاچڙ، علي اصغر چاچڙ، رياض احمد، محمد عالم، انور علي ، لال خان، عبدالحميد چاچڙ ۽ ٻيا شامل آهن.
زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو ته اسپتال ۾ ٻيهر جهيڙو ٿي پيو ۽ اسپتال پڻ جنگ جو ميدان بڻجي وئي.
واقعي کان پوءِ پوليس ٻنهي ڌرين خلاف شروعاتي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

GhotkiSindh ChacharBiradari GhotkiPolice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.