سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال ڊپريشن جو خطرو وڌائيندو آهي: تحقيق

سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گهڻو وقت گذارڻ سان نوجوانن ۾ ڊپريشن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آهي.
گذريل ڏهاڪن دوران نوجوانن ۾ ڊپريشن جي شرح ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، ۽ ائين نٿو لڳي ته مستقبل ۾ حالتون بهتر ٿينديون.
ائين مڃيون پيو وڃي ته سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان نوجوانن ۾ ڊپريشن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
جونز هوپڪنز چلڊرنز سينٽر جي تحقيق ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال، ڊپريشن ۽ نوجوانن جي ٻين روين وچ ۾ لاڳاپن جي جانچ پڙتال ڪئي وئي.
ان تحقيق ۾ 376 نوجوانن کي شامل ڪيو ويو هو، جن مان مئي 2021 کان جنوري 2022ع دوران 3 آنلائن سوالناما ڀرايا ويا.
هر ڀيري ڊپريشن جي نشانيون به رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گذاري ويندڙ وقت، جسماني سرگرمين ۽ ٻين عنصرن جي باري ۾ به تفصيل جمع ڪيا ويا.
تحقيق موجب جيڪي نوجوان سوشل ميڊيا تي گهڻو وقت گذاريندا آهن انهن ۾ ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اهڙي ريت جيڪي نوجوان وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿيندا آهن اهي سوشل ميڊيا جو به وڌيڪ استعمال ڪندا آهن.

depression socialmedia world

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.