گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مھر) شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي امڙ ۽ ڪيس جي فرياديڻ مائي پٺاڻي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مونکي پوليس تي ڪو به اعتماد نه پوليس منهنجي ٻچڙي جو خون لوڙهي ڇڏيندي تنهنڪري عدالت ۾ اميد آهي ته عدالت مونکي انصاف ڏياريندي.
هن ڪراچي جي صحافين کي پيغام ڏيندي چيو ته شهيد پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وڌ کان ڪوشش ڪن، عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي ۽ پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
شهيد جي امڙ مطالبو ڪيو آهي ته شهيد پٽ قتل جي عدالتي جا لاءِ ڪميش جوڙي وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.