9 مئي جي جوابدارن کي سزا نه ملي ته ملڪ يرغمال ٿي ويندو: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي جي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ڪندي چيو ويو ته 9 مئي جي جوابدارن خلاف فوري، شفاق عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي کانسواءِ ملڪ سازشي عنصرن جي هٿان يرغمال رهندو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن کي ايصال ثواب لاءِ فاتحا خواني ڪئي وئي ۽ ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ خودمختاري لاءِ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جواننم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
پڌرائي موجب فورم کي جيو اسٽريٽجڪ حالتن، قومي سلامتي لاءِ اڀرندڙ چيلينجز کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ملٽي ڊومين خطرن سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج حڪمت عملي جي باري ۾ ٻڌايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب فورم پائيدار اقتصادي ترقي ۽ غير ملڪي قانوني سرگرميون روڪڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي مڪمل حمايت جو عزم ڪيو ۽ اسمگلنگ، ذخيرا اندوزي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت جو عزم ڪيو ويو.

ISPR PakArmy Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.