فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ تي سعودي عرب اسپين، آئرلينڊ ۽ ناروي جو ٿورائتو

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ تي اسپين، آئرلينڊ ۽ ناروي جا ٿورا مڃيا آهن.
اسپين جي تخت گاهه ميڊرڊ ۾ ڳالهائيندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته درست وقت تي درست فيصلو ڪرڻ ۽ اونداهي ۾ اميد جو ڪرڻو بڻجڻ لاءِ انهن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا.
هن چيو ته ٻه رياستي حل، امن ۽ گڏيل بقا لاءِ اميد جو ڪرڻو ڏيڻ جو هي صحيح لمحو آهي.
واضح رهي ته آئرلينڊ، ناروي ۽ اسپين گذريل ڏينهن فلسطين کي باضابطا طور رياست تسليم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.