ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پاران اسڪولن ۾ شاگردن کي صبح جو ناشتو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته هاڻي ڪو به ٻار بک تي اسڪول نه ويندو ۽ انهي پروگرام کي سڄي سنڌ ۾ پکيڙينداسين.
ڪامران ٽيسوري ۽ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سماجي اڳواڻ بشير فاروقي جي اداري جو دورو ڪيو ۽ سرڪاري اسڪول ۾ ٻارن کي مفت ناشتو ڏيڻ واري پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته اسان فلاحي اداري جي مالڪ جا شڪرگذار آهيون، هاڻ ڪو به ٻار بک تي اسڪول نه ويندو، پروگرام لاءِ هڪ ويب سائيٽ لانچ ڪئي ويندي جنهن ذريعي اسڪول پاڻ کي رجسٽر ڪرائي سگهندا.
وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته اسان جيڪو فيصلو ڪيو هيوسين ان کي وڏي ڪم ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون.
KamranTessori Governor Students
Next Post
You might also like