ميهڙ ۾ ناري جي فرياد تي ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ميهڙ ۾ سينڌل مهيسر ڪالوني ۾ نوجوان ناري سان مبينا زيادتي واري معاملي جو ڪيس متاثر ناري جي پيءُ دلدار ملاڻو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ جوابدار سليم لاشاري ۽ عمران لاشاري کي ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نياڻي سندن گهر سلائي سکڻ ويندي هئي جتي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

نياڻي جي چاچي جي پهچن تي جوابدارن نياڻي جي چاچي سراج ملاڻو کي پسٽل جي زور تي ڌمڪائي گهران ڪڍي ڇڏيو، ٻئي پاسي پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. متاثرن انصاف جي گهر ڪئي آهي…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.