عيدالاضحيٰ ڪڏهن ٿيندي؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 17 جون سومر ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڪلائيميٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر موجب چنڊ 7 جون جمعي تي نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي ۽ عيدالاضحيٰ 17 جون سومر ڏينهن ٿيندي.
پروسيسنگ سينٽر جو چوڻ آهي ته چنڊ جي پيدائش 6 جون شام 5 لڳي 38 منٽن تي ٿيندي، جڏهن ته 7 لڳي 20 منٽن تي سج لهڻ جو امڪان آهي، چنڊ نظر اچڻ جو دورانيو سج لٿي کانپوءِ 72 منٽن تائين رهڻ جو امڪان آهي، چنڊ ڏسڻ لاءِ ان جي عمر 19 ڪلاڪ هجڻ ضروري آهي.

eiduladha eid pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.