نواز شريف جي بيان تي ثاقب نثار جو ردعمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف جي بيان تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو ردعمل سامهون اچي ويو.
اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار، نواز شريف جي بيان تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته مان اهڙي ڪنهن ڳالهه جو جواب نه ڏيڻ چاهيندس، سچ جي سڀني کي خبر آهي، ڪنهن جي چوڻ سان ڇا ٿيندو.
هن چيو ته هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، نواز شريف به پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ آزاد آهي، نواز شريف جيڪو چيو، مان ان تي جواب يا ڪمينٽ نه ڏيندس.
واضح رهي ته نواز شريف ٻيهر ن ليگ جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ تقرير ڪندي چيو هو ته ڪارڪنن ثاقب نثار جو فيصلو رديءَ جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو.

nawazsharif saqibnisar pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.