”مان خلائي مخلوق آهيان، ثبوت به آهن“ ايلون مسڪ جي وڏي دعويٰ

ٽيسلا ۽ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته هو هڪ خلائي مخلوق آهي ۽ هو ان دعويٰ جا ثبوت به پيش ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ پاڻ کي خلائي مخلوق قرار ڏيندي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
ايلون جو چوڻ هو ته مان هڪ خلائي مخلوق آهيان، مون وٽ هن جا ثبوت به آهن.
هن چيو ته مان ماڻهن کي ٻڌائيندو رهندو آهيان ته مان هڪ خلائي مخلوق آهيان پر ڪو به يقين ناهي ڪندو.
ايڪس جي مالڪ ٻڌايو ته مون وٽ ان جا ثبوت به آهن، مان اهي ثبوت سوشل ميڊيا تي پيش ڪري سگهان ٿو.

El0nMusk Tesla Twitter

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.