سکر، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد بورڊ جا رٿيل سڀاڻي وارا پيپر ملتوي

سکر (ويب ڊيسڪ) تعليمي بورڊ سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد جي ماتحت يارهين ۽ ٻارهين جماعت جو سڀاڻي ٿيندڙ پهريون پيپر عام موڪل سبب ملتوي ڪيو ويو.
ترجمان سکر بورڊ غلام مصطفي پيرزادو موجب صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊ محمد علي ملڪاڻيءَ جي هدايتن تي سڀاڻي وارو پيپر ملتوي ٿي ويو آهي.
غلام مصطفي پيرزادو جو چوڻ هو ته سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۾ 28 مئي تي رٿيل يارهين ۽ ٻارهين جماعت جو پيپر عام موڪل سبب ملتوي ڪيو ويو آهي.
ملتوي ڪيل يارهين ۽ ٻارهين جماعت جو پيپر هاڻي 8 جون تي ورتو ويندو.

SukkurBoard Exams Cancelled

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.