ڪويت ۽ قطر جي سربراهن پاڪستان دوري جي دعوت قبولي ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سفارتي محاذ تي پاڪستان لاءِ هاڪاري اڳڀرائي جاري آهي، تازي اڳڀرائي ۾ ڪويت جي امير ۽ قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف جي پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ڪويت ۽ قطر جي سفيرن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.
ملاقات ۾ ڪويت جي سفير امير شيخ مشعل الحمد الجابر الصباح جو خط وزيراعظم کي پيش ڪيو.
ٻئي طرف قطر جي سفير شيخ تميم بن حمد الثاني جو خط به وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ قطر جي امير پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ جو پيغام ڏنو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڪويت ۽ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ هي هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ڪويت ۽ قطر جي امير جو دورو سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ اثرائتو ثابت ٿيندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڪويت گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس 28 کان 30 مئي تائين ڪويت ۾ ٿيندو.

qatar kuwait pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.