واٽس ايپ واهپيدارن جي ڊيٽا داءَ تي؟

ايلون مسڪ پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ طرفان روزاني بنيادن تي واهپيدارن جي ڊيٽا ايسڪپورٽ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي واهپيدارن طرفان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ لکيل هو ته واٽس ايپ هر رات واهپيدار جي ڊيٽا ايڪسپورٽ ڪندو آهي.
پوسٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو هو ته اِها ڊيٽا اينا لائز ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ٽارگيٽ ايڊورٽائزنگ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ذريعي ڪسٽمر بدران پروڊڪٽ ٺاهيو ويندو.
واهپيدار جي پوسٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي ايلون مسڪ لکيو ته واٽس ايپ هر رات پنهنجي واهپيدار جي ڊيٽا ايڪسپورٽ ڪندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو اڃا به پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن.
ايلون مسڪ دعويٰ تي ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ وڊيو گيم ڊيولپر جان ڪارميڪ جواب ڏيندي لکيو ته مڃيوسين ته واهپيدار جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڳالهه ٻولهه دوران بوٽ جو استعمال ڪري رهيا آهيو ته ظاهر آهي اوهان ان کي کولي رهيا آهيو پر مان هاڻي به اِهو سمجهان ٿو ته ميسيج ڪونٽينٽ ڊيفالٽ طور محفوظ آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ماضيءَ ۾ به ايلون مسڪ مارڪ زڪربرگ جي انتظام هيٺ ميٽا پليٽ فارم کي ڇتي تنقيد ڪري چڪو آهي.

Whatsapp Meta ElonMusk Data

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.