ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
صحافين سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس مان علامتي واڪ آئوٽ به ڪيو، احتجاج دوران صحافين سنڌ حڪومت کان شهيد نصر الله گڏاڻي سميت شهيد جان محمد جا قاتل به گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڪامران رضي چيو ته سنڌ ۾ صحافين جي قتل جا واقعا وڌي رهيا آهن، صوبائي حڪومت نوٽيس وٺي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن کي خاطري ڪرائي ته پوليس صحافي نصر الله جي قالتن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.
گهرو وزير چيو ته صحافي نصر الله ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هڪ هفتي اندر قاتلن تائين پهچي وينداسين.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار صحافي نصر الله گڏاڻي جي علاج ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي، مقتول صحافي جي ڪٽنب جي مالي سهائتا ڪئي ويندي، صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
نصر الله گڏاڻي جي شهادت، صحافين جو سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو
Next Post
You might also like