شهيد نصرالله گڏاڻي کي چار گوليون لڳيون، هڪ اڃا جسم ۾ موجود آهي:ڊاڪٽر

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جو پوسٽ مارٽم ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڪيو ويو.
پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب شهيد نصر الله گڏاڻي جو پوسٽ مارٽم ۽ ايڪسري ڪيو آهي، شهيد کي جسم ۾ چار گوليون لڳيون، جن مان هڪ گولي اڃا تائين جسم ۾ ڏٺي وئي آهي.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نصر الله گڏاڻي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ رحيميار خان ۽ ڪراچي جي اسپتالن مان رپورٽون اچڻ بعد جاري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.