بگ باس 3 جي ميزباني ڪير ڪندو؟

آنلائن اسٽريمنگ پليٽفارم تي نشر ٿيڻ واري ڀارتي مشهور ريئلٽي شو به باس 3 جو ٽيلر جاري ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب او ٽي ٽي پليٽ فارم تي نشر ٿيڻ واري بگ باس جي سيزن 3 جي ٽيزر ۾ ميزبان جو چهرو ته ناهي ڏيکاريو ويو پر ڀارتي اداڪار انيل ڪپور جو مشهور ڊائيلاگ ٽيزر ۾ ٻڌي سگهجي ٿو.
فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪيل ٽيزر ۾ انيل ڪپور جو مشهور زمانا ڊائيلاگ ”جهڪاس“ ٻڌي سگهجي ٿو.
ٽيزر ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته رليز ٿيڻ واري سيزن کي ڏسي ڪري ڏسندڙ گذريل سيزنس کي وساري ويهندا.
ڄاڻايل وڊيو ۾ بيڪ گرائونڊ ۾ آواز ٻڌي سگهجي ٿي ته “ يي سيزن هوگا خاص اور جهڪاس“
بگ باس 3 جو پهريون ٽيزر جاري ٿيندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان بحث ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ سيزن ۾ ميزباني سلمان خان نه پر انيل ڪپور ڪندو.
واضح رهي ته بگ باس 3 مئي ۾ رليز ٿيڻو هو، اڻڄاتل سببن جي ڪري شو هن رليز جون تائين ملتوي ڪئي وئي.
BigBoss SalmanKhan AnilKapoor

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.