مڙس اکين جي رنگ کي جواز بڻائي شادي جي صبح تي ئي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي

مصر ۾ مڙس شادي جي صبح تي ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب متاثر عورت مصر جي تخت گاهه قاهرا سان واسطو رکي ٿي ۽ قانون جي شاگردياڻي آهي.
قاهرا جي فيملي ڪورٽ ۾ متاثر عورت جي وڪيل واقعي تان پردو کڻندي ٻڌايو ته شادي جي صبح ئي عورت جي مڙس سندس اکين جي رنگ کي جواز بڻائي ان سان جهيڙو شروع ڪري ڇڏيو، ڇو ته شادي کانپوءِ ڪنوار ڪانٽيڪٽ لينس لاهي ڇڏيا هئا، جنهن کانپوءِ مڙس کي خبر پئي ته سندس زال جي اکين جو اصلي رنگ سائو آهي.
رپورٽ موجب جهيڙو ختم ڪرڻ لاءِ زال مڙس کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هوءَ نظر ڪمزور هجڻ سبب ڪانٽيڪٽ لينس جو استعمال ڪندي آهي ۽ سمهڻ وقت لاهي ڇڏيندي آهي پر مڙس ان جي هڪ نه ٻڌي.
هوڏانهن طلاق ڏيندڙ شخص جو چوڻ هو ته زال جون اکيون سايون هيون، تنهن ڪري اولاد جون اکيون به سايون هجن ها، تنهن ڪري مان ان کي طلاق ڏئي ڇڏي.

egypt qahira cairo

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.