سخت گرمي سبب ڀولا مَري وڻن تان ڪِرڻ لڳا

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ سخت گرمي سبب بائولر نسل سان واسطو رکندڙ ڀولا وڏي انگ ۾ مَري وڻن تان ڪِرڻ لڳا.
پنهنجي جاندار آواز سان مشهور بائولر ڀولا ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ٻيلن ۾ هوندا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪسيڪو ۾ اڄڪلهه سخت گرمي آهي، جتي گرمي پد 45 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو پيو وڃي، هلندڙ سال ميڪسيڪو ۾ گهٽ برساتن سبب ڍنڍ، نديون، نالا ۽ ڊيم سُڪي رهيا آهن ۽ اختياريون فائر فائٽرز ۽ اسپتالن کي ٽرڪن ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ تي مجبور آهن.
رپورٽن موجب ميڪسيڪو جي رياست ٽباسڪو جي سامونڊي پٽي ڀرسان ٻيلن ۾ 83 ڀولا سخت گرمي سبب مري چڪا آهن، جڏهن ته 5 کي مقامي ماڻهن وٽرنري سينٽر منتقل ڪيو، جتي انهن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.
ان حوالي سان ڊاڪٽر سرگيو وينزويلا ٻڌايو ته ڀولن جي اڃ ۽ بخار سبب حالت خراب ٿي وئي، انهن کي دل جو دورو پيو هو.

mexico mexicocity usa

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.