ميڪسيڪو ۾ چونڊ جلسي دوران اسٽيج ڪِرڻ سان 9 ڄڻا اجل جو شڪار

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ چونڊ جلسي دوران اسٽيج ڪرڻ سان 9 ڄڻا فوت ۽ 50 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن ميڪسيڪن صدراتي چونڊن ۾ اميدوار جارج الوريز مينيز سين پيڊرو گرزا شهر ۾ پنهنجي چونڊ تقرير ڪري رهيو هو.
رپورٽ موجب اسٽيج ڪرڻ جو واقعو اوچتو تيز هوا گهلڻ سان پيش آيو، صدارتي اميدوار حادثي ۾ محفوظ رهيو پر ان جا ڪيترائي ساٿي زخمي ٿيا.
صدارتي اميدوار مينيز پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ٻڌايو ته اسٽيج ڪرڻ جي واقعي ۾ 3 عورتون، هڪ مرد ۽ هڪ ٻارڙي فوت ٿي، جڏهن ته ميڊيا رپورٽن ۾ 9 ڄڻن جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

mexico usa mexicocity

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.