خصوصي عدالتن جي ججز جي مقرري لاءِ ٽن هفتن جي مهلت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي خصوصي عدالتن جي ججز جي مقرري لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ججز جي مقرري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي ججز مقرر ڪرڻ واري ڪميٽي جي ميمبرن مريم اورنگزيب، مجبتيٰ شجاع الرحمان ۽ قانون واري وزير سميٽ ٻيا عدالت ۾ روبرو پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران مريم اورنگزيب چيف جسٽس کي ٻڌايو ته اسان شفاف طريقي سان ججز جون مقرريون ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان ججز جي مقرري تي هر هر ڇو خاطري ڪرائي آهي، اسان لاءِ سياستدان انتهائي احترام جي لائق آهي، اهو سسٽم ته هلندو رهندو.
مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اسان به اوهان کي محترم سمجهندا آهيون، حڪومت پنجاب ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، اوهان ججز جا پينل ڏيو انهن ۾ ججن جي مقرري ڪري ڇڏينداسين.
چيف جسٽس چيو ته اسان به ڇا ڪيون، ماڻهو اسان تي رڙيون ڪندا آهن ته فيصلا ڪيو، جج تعينات ٿيندا ته فيصلا به ڪندا.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان سياستدانن جو احترام ڪندا آهيون، وزيرن کي گهرائڻ جو شوق ناهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته وزير اعليٰ پنجاب کي پهرين ڏينهن ئي گهرائي وٺون ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.