اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس سينيٽر فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.
رجسٽرار آفيس پنهنجي جواب ۾ چيو ته آئين ۾ جج بڻجڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت يا رهائش رکڻ نااهليت ناهي، وڪيل مان هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ وقت ان کان ٻٽي شهريت جي ڄاڻ ناهي ورتي ويندي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جسٽس اطهر من الله 6 ججن جي خط تي پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي هئي ۽ ٻڌايو هو ته جسٽس بابر ستار جي گرين ڪارڊ جو معاملو جڊيشل ڪائونسل ۾ ڊسڪس ٿيو، سپريم جڊيشل ڪائونسل ڊسڪشن کانپوءِ جسٽس بابر ستار کي جج بڻائڻ جي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ پريس رليز ۾ وضاحت هئي ته جسٽس بابر ستار ٻڌائي ڇڏيو هو ته هو گرين ڪارڊ رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.