رانديگرن مان سٺيون اميدون آهن، ٽيم گهڻو اڳتي ويندي:شعيب ملڪ

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو مئچ ٿيندو، جيڪو ڪنڊيشن کي سمجهندو ان کي فائدو ملندو.
نيو يارڪ جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم مان سٺيون اميدون آهي، ٽيم هاڻي سيريز کٽي آهي.
هن ٻڌايو ته قومي رانديگر هاڻي سٺي فارم ۾ آهن، شروعات سٺي ڪندا ته فائدو ملندو ۽ لڳي ٿو ته ٽيم گهڻو اڳتي ويندي، عماد وسيم ۽ محمد عامر جو ٽيم ۾ هجڻ سٺي ڳالهه آهي، ٽيم کي گهڻي مان گهڻو اعتماد ڏيو، ايونٽ ۾ هار ٿيندي آهي.
هن ٻڌايو ته سائم ايوب رسڪ کڻي کيڏندو آهي، ان ۾ وڌيڪ ٽئلنٽ آهي، جيڪڏهن هاءِ اسڪورنگ راند ٿيندي ته صائم سان ئي اوپننگ ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.