اسڪول تباهه ڪندڙن سان حڪومت وري ڳالهيون به ڪندي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري يونيورسٽين ۾ مستقل وائس چانسلر جي مقررين جي معاملي تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته ڪجهه ماڻهو اسڪولن کي تباهه ڪري چئي رهيا آهن ته اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ اهڙن ماڻهن سان حڪومت وري ڳالهيون به ڪندي آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان سڄي ملڪ جي يونيورسٽين بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب سڄي ملڪ جون 66 سرڪاري يونيورسٽيون مستقل وائس چانسلرز کان محروم آهن، ملڪ ۾ ڪُل 154 سرڪاري يونيورسٽيون آهن، جڏهن ته 66 ۾ وائس چانسلر جا عهدا يا خالي آهن يا واڌو چارج ڏني وئي آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تعليم کاتي ۾ ويٺل آفيسر ڇا مکيون ماري رهيا آهن، يونيورسٽيون ملڪ جو مستقبل آهن، منظم طريقي سان پاڪستان جي مستقبل کي تباهه ڪيو پيو وڃي.
چيف جسٽس چيو ٽي وي چئنلن تي سياسي مخالفن جي ڪاوڙ نظر ايندي آهي پر تعليم جي معاملي تي ڪي پروگرام ناهن ٿيندا، جيئن پي آءِ اي ۾ تباهي ٿي، ائين يونيورسٽين ۾ به تباهي ٿي رهي آهي، گارگند جا انگ اکر جاري ٿين ته پاڪستان پهرين پوزيشن تي ايندو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو اسان رڳو تعليم ٺيڪ ڪيون ته سڄو ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو.
سپريم ڪورٽ سرڪاري يونيورسٽين ۾ وائس چانسلرز جي مقرري تي هڪ مهيني ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.