ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيو آهيان، سزا ڏئي جان ڇڏايو: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيو آهيان، بهتر آهي ته سزائون ڏئي جان ڇڏايو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته منهنجو واسطو پي ٽي آءِ باني سان آهي، مان پي ٽي آءِ ۾ شامل ناهيان.
هن چيو ته ملڪ ۾ انصاف جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، ماڻهن کي عدليا مان اميدون آهن، ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيو آهيان، بهتر آهي ته سزائون ڏئي جان ڇڏايو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي خلاف ڪو ثبوت موجود ناهي، 9 مئي واقعن تي سڀ چئي رهيا آهن ته جڊيشل ڪميشن ٺهڻ گهرجي.
شيخ رشيد چيو ته حڪومت جي انجڻ مان دونهون نڪري رهيو آهي، مهانگائي خلاف ماڻهو ائين نڪرندا جيئن ڪشمير ۾ نڪتا، 30 جون کان سياست ۾ وڏي تبديلي ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.