دُرِ فشان ۽ بلال عباس جي ڳجهي شاديءَ بابت وڏو انڪشاف

تازو ئي ختم ٿيندڙ بلاڪ بسٽر ڊرامي سيريل ”عشق مرشد“ جي مرڪزي ڪردارن اداڪار بلال عباس ۽ درِ فشان جي ڳجهي نڪاح جي خبر سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏي.
جوڙي بابت يوٽيوبر ماريا علي وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هن بلال ۽ در فشان جي ڳجهي نڪاح جي انڪشاف ڪري پرستارن کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو.
يوٽيوبر ماريا علي پنهنجي وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بلال عباس ۽ دُرِ فشان سليم ڳجهي شادي ڪئي آهي، ڄاڻي واڻي هو شادي جو اعلان نه ڪري رهيا آهن.
يوٽيوبر بلال ۽ در فشان جي وڌندڙ ويجهڙائي کي بي نقاب ڪندي وڌيڪ چيو ته عشق مرشد جي پريميئم تي اهي ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو هئا، سموري ايونٽ ۾ بلال هڪ منٽ لاءِ به دُر فشان جو ساٿ نه ڇڏيو.
ماريا جو چوڻ هو ته سدائين تڪرار اتي ٿيندو آهي جتي حقيقت کي دنيا کان لڪايو وڃي، اصل ۾ گڏيل ڪا تصوير شيئر ناهي ڪئي وئي پر تازو عمري جي ادائيگي ۾ به بلال ۽ در فشان سليم ٻنهي کي گڏجي ڏٺو ويو.
ماريا چيو ته هاڻي سمورن شاهدين کي مدنظر رکندي تڪرار پيدا ٿي رهيو آهي ته ٻنهي ڄڻن ڳجهي شادي ڪئي آهي ۽ جلد ئي دنيا سامهون انهي رشتي جي حقيقت کي بي نقاب ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن کي يوٽيبر ماريا علي جا دعويٰ پسند ناهن آيا، پر هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ته انهن جي ذاتي زندگي آهي اوهان کي ڪوڙيون خبرون نه ٻڌائڻ گهرجن.
ڪجهه واهپيدارن يوٽيوبر جي دعويٰ تي لکيو ته هو ٻنهي اداڪارن جي شادي بابت باضابطا اعلان جو انتظار ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.