بالي ووڊ جي فلمن کان ڪورين فلمون بهتر آهن:نصير الدين

ڀارتي فلم انڊسٽري جي سينئر اداڪار نصير الدين چيو آهي ته بالي ووڊ جي فلمن کان ڪورين فلمون بهتر آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب نصير الدين ممبئي جي هڪ تقريب ۾ فلم انڊسٽري جي تازي صورتحال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان مقابلي ۾ ڪورين فلم انڊسٽري کي بهتر قرار ڏنو.
سينئر اداڪار جو چوڻ هو ته سڀ کان پهريان ته مان اهو ٻڌايان ته مونکي بالي ووڊ کان سخت نفرت آهي، هتي ماڻهن جو ڌيان سٺي ڪهاڻين بجاءِ مالي فائدي تي هوندي آهي، هن کان بهتر فلمون ته ڪورين سينيما ٺاهي رهيو آهي ۽ اسان پاڻ به مڃيندا آهيون ته ڪورين فلمون سڄي دنيا ۾ ڏٺيون وينديون آهن.
ياد رهي ته اداڪار جو اهو انڊسٽري بابت پهريون بيان ناهي ان کان پهريان به هو خراب مواد تي نا پسنديدگي جو اظهار ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.