گوگل ميپس تي چُپ چَاپ ۾ ٻه نوان فيچر متعارف

گوگل طرفان مشهور نيوي گيشڻ سروس ميپس ۾ 2 نوان فيچر متعارف ڪرايا آهن
اهي ٻئي فيچر اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن مان هڪ اليڪٽرڪ گاڏين جي نيويگيشن بابت آهي ۽ ٻيو مخصوص روڊن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
پهريون فيچر اي وي چارجنگ آهي، جنهن جي مدد سان واهپيدار اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ پنهنجي ويجهو موجود چارجنگ اسٽيشنز ڳولهي سگهندا.
ان مقصد لاءِ کين اسڪرين مٿان مين سرچ بار جي هيٺان موجود فلٽر بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
پر ان کان پهريان گوگل ميپس تي سيٽنگز ۾ وڇي پنهنجي گاڏي کي اليڪٽرڪ وهيڪل طور داخل ڪرائڻو پوندو.
ٻيون فيچر واهپيدارن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندو، ان فيچر ذريعي اوهان جڏهن ڪنهن به روڊ کي سرچ ڪندئو ته اهو اسڪرين تي نيلي رنگ ۾ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.