اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته غلط خبر تي ڪير معافي ئي ناهي گهرندو ۽ نه ئي اهو چوندو آ ته اسان کان غلطي ٿي وئي، جڏهن ته اسان ڪجهه ناهيون ڪندا ان جو مطلب اهو ناهي ته بس پٿر اڇلائيندا وڃو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار عدالتي ڪمري ۾ درخواست داخل ڪرائڻ کان ئي ڦري ويا ۽ چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل نه ڪئي.
درخواستگذار راجا شير بلال، ابرار احمد ۽ ايم آصف ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيا، هنن عدالت ۾ چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل نه ڪئي، ان تي چيف جسٽس پڇيو ته ڪنهن توهان جا نالا ۽ رهائشي پتو ڪيئن استعمال ڪيو؟ ڇا توهان بنا اجازت درخواست داخل ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي؟
درخواستگذار چيو جيڪڏهن توهان جي سرپرستي هوندي ته اسان ايف آءِ آر ڪٽرائينداسين، ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان ڇو سرپرستي ڪيون؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ٽي وي تي ويهي اسان کي درس ڏنو ويندو آهي ته عدالتن کي ڪيئن هلائڻ گهرجي، اڳ ۾ اسان تي بمباري ڪئي ويندي آهي پوءِ پيش ٿي چوندا آهن ته ڪيس ئي ناهي هلائڻو، ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ هر ڪو پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، سچ ڳالهائڻ کان ڇو ٿا ڊڄو.
چيف جسٽش چيو غلط خبر تي ڪير معافي ئي ناهي گهرندو ۽ ناهي چوندو ته اسان کي غلطي ٿي وئي، غلطيون ته ڄڻ سپريم ڪورٽ جا جج ئي ڪندا آهن، بس فون کنئي ۽ صحافي بڻجي ويا ته اسان جا ذريعا آهن، ڪنهن جو ڪو ذريعو ناهي.
چيف جسٽس چيو اسان ڪجهه ناهيون ڪندا ان جو مطلب اهو ناهي ته بس پٿر اڇلائيندا وڃو، ٻاهرئين ملڪ ائين ٿئي ته ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ کيسا خالي ٿي وڃن.
You might also like