پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر ڀارتي اداڪارا ثانيا ملهوترا کان ڇوڪرو ڳولهڻ جي مدد گهري ورتي آهي.
انسٽاگرام تي هڪ انٽرويو جو مختصر وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ پنهنجي منفرد لباس سبب شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا عرفي جاويد کي ڀارتي اداڪارا ثانيا ملهوترا جو انٽريو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ڄاڻايل وڊيو ۾ ثانيا ملهوترا پنهنجي ميچ ميڪنگ ( رشتا ڪرائڻ) ۾ مهارت جو ذڪر ڪندي ٻڌائيندي آهي ته هن پنهنجي ڀيڻ جي ڪامياب رشتي ڪرائڻ کان وٺي ٻين ڪيترن ئي دوستن جا رشتا ڪرايا آهن.
اداڪارا ثانيا جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي پاڻ ۾ ملايو ۽ انهن جون شاديون به ڪرايون آهن، جن ۾ منهنجي ڀيڻ به شامل آهي.
اها وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن تي واهپيدارن طرفان مختلف قسم جي تبصرن جو سلسلو جاري آهي اتي وري پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جي به ڪمينٽ به سوشل ميڊيا تي طوفان آڻي ڇڏيو آهي.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ اداڪارا هانيا عامر ثانيا کي ٽيگ ڪندي (مدد ) هيلپ جو لفظ استعمال ڪيو، جيڪو سڀني جي ڌيان جو سبب بڻجي ويو.
جڏهن ته ٻئي طرف هانيا عامر جي ڪمينٽ تي ثانيا ملهوترا هن جي مدد ڪرڻ لاءِ حامي ڀريندي لکيو ”ضرور ڀيڻ“
هانيا عامر جي ثانيا سان رشتو ڪرائڻ جي مدد گهرڻ تي واهپيدار طرفان کيس ڀارتي فنڪار بادشاهه سان شادي ڪرڻ جي صلاح ڏيندي نظر اچن ٿا.
Next Post
You might also like