پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪار حمزا علي عباسي کي سدائين عورتن لاءِ آواز اٿاريندي ٻڌو ۽ ڏٺو ويندو آهي.
تازو ئي هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ اداڪار ٽيليفون ذريعي شرڪت ڪئي، ۽ نوڪريون ڪندڙ عورتن کي ڪٽنبن لاءِ مضبوط سهارو قرار ڏنو.
هن انٽريو ۾ پاڪستاني عورتن کي ورڪنگ پيلس ۾ ماحول کي سازگار بڻائڻ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڀيڻ هجي يا منهنجي زال آزاداڻي طور تي ڪم ڪنديون آهن، هنن جي پنهنجي سڃاڻ آهي.
اداڪار چيو ته هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته نوڪري ڪندڙ عورت هڪ ته بااختيار هوندي آهي ۽ ٻيو ته پنهنجي گهر ۾ موجود مردن جو سهارو بڻجندي آهي جنهن سان مردن جا ٽينشن لهي ويندا آهن.