ڪڻڪ اسڪينڊل خلاف هارين جو 10 مئي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

ملتان (ويب ڊيسڪ) ڪسان اتحاد ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪردارن کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي 10 مئي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪسان اتحاد چيئرمين خالد حسين کوکر ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ اسڪيندل سبب هارين جو 400 ارب رپين جو نقصان ٿيو ۽ ڪرپشن لاءِ 6 ڪروڙ هارين کي ذبح ڪيو ويو.
هن چيو ته مٿي ويٺل ماڻهو درست فيصلا نه پيا ڪن، ڇا انهن کي علم نه هو ته بمپر فصل اچي رهيو آهي؟ ڪڻڪ جي درآمد تي هڪ ارب ڊالر ضايع ڪيا ويا.
خالد حسين کوکر معاملي جي شفاف جاچ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪردارن کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
ڪسان اتحاد چيئرمين 10 مئي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته 10 مئي تي جمعي جي نماز کانپوءِ ملتان مان احتجاج شروع ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.