ڪجهه سال اڳ تائين ڇوڪريون شادي جي آڇ ڪنديون هيون: مولانا طارق جميل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري عالم مولانا طارق جميل انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي 4 کان 5 سال اڳ تائين ڇوڪريون فون ڪري شادي جي آڇ ڪنديون هيون.
مولانا طارق جميل هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان کانئس ٻي شادي نه ڪرڻ بابت سوال ڪيو، جنهن تي مولانا طارق جميل چيو ته جيڪڏهن هو ٻي شادي ڪري ها ته پوءِ مولانا طارق جميل هي مولانا نه هجي ها.
هن چيو ته مون کي پنهنجي طاقت تبليغ تي لڳائڻي آهي، اها قرباني ته ڏيڻي پوندي.
پوڊ ڪاسٽ ۾ مولانا طارق جميل انڪشاف ڪيو ته 4،5 سال اڳ تائين ڇوڪريون پاڻ مون کي فون ڪري چونديون هيون ته توهان سان شادي ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.