سيما حيدر جي ڪهاڻي هاڻي هڪ ڏکئي موڙ تي اچي وئي آهي ڇو ته سيما جي پهرئين مڙس غلام حيدر ڀارت ۾ پنهنجي وڪيل مومن ملڪ ذريعي گريٽر نوئيڊا جي عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ سيما جي سچن سان شادي کي چئلينج ڪيو ويو آهي. عدالت ان معاملي جي ٻڌڻي کي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ غلام حيدر کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.