”انٽيليجنس ادارا ڪجهه ڪن ٿا ته ذميوار وزيراعظم ۽ ڪابينا آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدليا ۾ مبينا مداخلت جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته طئي ڪري ڇڏيو اسان ڪنهن سياسي طاقت، حڪومت يا حساس اداري هٿان استعمال نه ٿينداسين.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان بئنچ جو حصو آهن، جڏهن ته حڪومت طرفان اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون تجويزون پڙهي ٻڌايون، چيف جسٽس پڇيو ته ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جي دائري ۾ نه ٿيون اچن، سڀني هاءِ ڪورٽس کان تجويزون گهريون آهن.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪنڊڪٽ سان ڏيکارينداسين ته مداخلت آهي يا نه، ججن جو حڪم نامو ڏيکاري ٿو، ٻڌائي ٿو ته ڪيتري مداخلت ٿي آهي ۽ ڪيتري آزادي آهي ڪيتري ناهي، اسان نٿا سمجهون ته مداخلت جو معاملو سنجيدگي سان نٿا وٺون.
جسٽس اطهر من الله چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ان ڳالهه کي مڃيو آهي، جيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چئي، جسٽس منصور علي شاهه چيو اسان وٽ موقعو آهي ته ان معاملي کي حل ڪيون، اسان کي هاءِ ڪورٽس ۽ عدليا کي بااختيار بڻائڻو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اها رڳو مداخلت ناهي پر اسان جي ججن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، اسان نوٽيس ورتو اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو اسان کي مداخلت سامهون رنڊڪ بيهارڻي پوندي.
چيف جسٽس چيو جيڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت ٿئي ۽ نه روڪي سگهان ته مون کي گهر وڃڻ گهرجي، جسٽس اطهر من الله چيو رياست کي عدليا جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي، مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رهيس ڪنهن مداخلت نه ڪئي، جسٽس بابر ستار سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سامهون آهي.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ملڪ ۾ ٽي ايجنسيون آهن اهي ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪنديون آهن؟ آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ڪهڙي قانون تحت ٺهيون، ايندڙ ٻڌڻي تي ٽنهي ايجنسين جا قانون ٻڌايا وڃن.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهنجي چيف جسٽس بڻجڻ کانپوءِ هڪ به شڪايت منهنجي رجسٽرار آفيس ۾ نه آئي ۽ اسان ماضي جي شڪايتن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اسان کي واقعا ٻڌايو، مان ڪيترن ئي واقعن ۾ ٻڌائي سگهان ٿو جڏهن مداخلت ٿي، طئي ڪري ڇڏيو ته اسان ڪنهن سياسي طاقت، حساس اداري، وڪيل گروپ يا حڪومت هٿان استعمال نه ٿينداسين.
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته انٽيليجنس اداري ڪجهه ڪن ٿا ته ان جو ذميوار وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.