باجوڙ: برساتي نالي ۾ ڦاٿل عورت 4 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ برساتي نالي ۾ ڦاٿل عورت هڪ ئي وقت 4 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو.
عورت برساتي نالي مان گذري اسپتال پهتي، جتي ان 4 ٻارن کي جنم ڏنو.
ريسڪيو 1122 باجوڙ ٻڌايو ته خار تعلقي ۾ رشڪئي ڀرسان هڪ فيلڊر ڪار، جنهن ۾ 6 ڄڻا سوار هئا، برسات جي پاڻي ۾ ڦاسي پئي هئي.
ڪنٽرول روم کي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 باجوڙ جي ميڊيڪل، ڊزاسٽر ۽ ريڪوري ٽيم فوري طور پهتي، امدادي ٽيم فيلڊر ڪار کي پيشيوراڻي طريقي سان نالي مان ڪڍيو ۽ ڪار ۾ موجود عورت کي ميڊيڪل ٽيم فرسٽ ايڊ فراهم ڪري ڊسٽرڪٽ اسپتال خار منتقل ڪيو، جتي شام جو هن ٻارن کي جنم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.