شهباز شريف جي چين جي دوري جون تياريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مئي جي شروعات ۾ چين جو دورو ڪندو.

هن دوري جو مقصد سي پيڪ جي حوالي سان قائم ٻطرفي گڏيل تعاون ڪميٽي جي تيرهين اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ آهي.

منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال موجب دورو غير معمولي اهميت رکي ٿو ڇو ته ان ۾ سي پيڪ جي پنجن نئين واپاري راهدارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

چين پاڪستان ۾ سي پيڪ ۾ 65 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.

2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، جنهن جا معيشت تي هاڪاري اثر پيا.

حڪومت جي ڪوشش آهي ته سي پيڪ جا سمورا منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۾ ان جو ڪردار اجاگر ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.