سيڪيورٽي فورسز جي پشين ۾ ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ آپريشن دوران ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پشين ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهري طور ٿي آهي.
آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.