سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي جي سفارش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي سزا ٻڌائيندڙ جج بابت وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين کي پنهنجي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ ۾ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
خاص عدالتن جي انسپيڪشن جج جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ابوالحسنات ذوالقرنين کي واپس موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
سفارش ۾ چيو ويو آهي ته ابوالحسنات ذوالقرنين جون خدمتون لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪيون و ڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.