ن ليگ کي عوام نجڪاري جو مينڊيٽ ناهي ڏنو: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته ن ليگ کي پاڪستانين نجڪاري جو مينڊيٽ ناهي ڏنو.
اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته ناڻي وارو وزير ۽ وافقي حڪومت پي آءِ اي ۽ ٻين رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري لاءِ بيچين آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل کانسواءِ ڪنهن ٻئي طرفان رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي منظوري غير آئيني آهي.
هن چيو ته ن ليگ کي پاڪستاني عوام نجڪاري جو مينڊيٽ ناهي ڏنو، حڪمران جماعت وٽ پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت به ناهي، پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽ ايمرجنسي ۾ دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا آهن، قومي اثاثا پرڏيهي هٿن ۾ ڏيڻ قومي مفاد تي سوديبازي هوندي.
سندس چوڻ هو ته نجڪاري بابت ڄاڻ رڳو آءِ ايم ايف ۽ حڪمران اشرافيا کي آهي، پڇان ٿو ته پي آءِ اي جي اهم پراپرٽيز سان ڇا پيو ڪيو ويندو؟
رضا رباني چيو ته ٻاهرئين ملڪ پي آءِ اي جي هوٽل ۽ پراپرٽي سان ڇا ڪيو ويندو؟ پي آءِ اي جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو ڇا ٿيندو؟ پي آءِ اي ملازمن ۽ ڪاڪ پٽ عملي سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.