سخت گرميءَ ۾ هيٽ ويو بابت خبر پڙهندي عورت اينڪر پاڻ بيهوش ٿي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مختلف علائقن ۾ اڄڪلهه سخت گرمي آهي ۽ هيٽ ويو سبب گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي.
سخت گرمي دوران ڀارتي ٽي وي جي نيوز اينڪر هيٽ ويو جي خبر پڙهندي بي هوش ٿي وئي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته نيوز اينڪر بلڊ پريشر گهٽجڻ سبب بي هوش ٿي.
نيوز اينڪر جي بليٽن دوران بي هوش ٿيڻ جي وڊيو به فيس بُڪ اڪائونٽ تي شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ اينڪر لکيو ته ”منهنجي نظر گهٽ پوڻ لڳي ۽ اونداهي ٿي وئي ۽ پوءِ مان ڪرسي تان ڪِري پيس“.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيوز اينڪر چيو ته مان 21 ورهين جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به پاڻ سان گڏ پاڻي جي بوتل نه رکي، ڇو ته ڪڏهن به بليٽن دوران پاڻي جي ضرورت محسوس نه ٿي ، ان ڏينهن اسٽوڊيو جي ڪولنگ سسٽم ۾ ڪجهه خرابي سبب سخت گرمي هئي.
هن ٻڌايو ته هيٽ ويو جي خبر پڙهندي منهنجو آواز مَٽجي ويو، مان خبر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نظر گهٽ پوڻ لڳي ۽ ائين لڳو ڄڻ اونداهي ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.