اعظم خان انجري سبب نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
اعظم خان انجري سبب اسڪواڊ کان ٻاهر ٿيو، ڊاڪٽرن قومي رانديگر کي ڏهن ڏينهن لاءِ آرام جو مشورو ڏنو.
هو پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين مئچ جي ٽريننگ سيشن ۾ بيٽنگ پريڪٽس دوران انجري جو شڪار ٿيو هو.
رانديگر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ پي سي بي جي ميڊيڪل پينل جي نگراني ۾ پنهنجي بحالي جو عمل شروع ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.