پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران مشال يوسفزئي کي ٽي ڪروڙ ڏنڊ جو نوٽيس

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختوخواهه جي وڏي وزير جي سوشل ويلفيئر جي صلاحڪار مشال يوسفزئي کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر وڪيل اڳواڻ معظم بٽ ساک کي ڇيهو رسائڻ تي ٽن ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
انصاف لائرز فورم جي ميمبر ۽ سينئر وڪيل معظم بٽ پنهنجي وڪيل ذريعي مشال کي نوٽيس موڪليو.
نوٽيس ۾ مشال اعظم کي ٻن هفتن اندر لڳايل الزام ثابت ڪرڻ ۽ جواب جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويو.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي مشال يوسفزئي معظم بٽ خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ وارو مواد سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو هو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نجي ٽي وي جي رپورٽر وڏي وزير جي صلاحڪار سان مهانگين گاڏين جي خريداري واري سمري جي تصديق لاءِ رابطو ڪيو هو،مشال يوسفزئي خبر جي تصديق ڪئي ۽ رپورٽر پنهنجي خبر ۾ مشال جو موقف به ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.