سنڌ ڪابينا جي ماڻهن جا ڌاڙيلن سان رابطا آهن: علي خورشيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وزيرن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان ڌاڙيل راڄ قائم آهي، سنڌ ڪابينا ۾ موجود ماڻهن جا ڌاڙيلن جي وڏن گروهن سان رابطا آهن.

هڪ بيان ۾ علي خورشيدي چيو ته صوبائي وزير ڌاڙيلن ۽ قاتلن کي پوليس پروٽوڪول ڏيارين ٿا، هٿيارن ۽ مغوين جي منتقلي لاءِ به پوليس وين ڌاڙيلن کي فراهم ڪئي ويندي آهي.

علي خورشيدي چيو ته جيڪب آباد ۾ پوليس وين ۾ ڌاڙيلن جا هٿيار منتقل ٿي رهيا هئا، ڌاڙيلن جا هٿيار صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ سان گڏ پڪڙيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.